SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آفريقن-ڪيريبين ۽ پئسفڪ ملڪن جو معاهدو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


آفريقن-ڪيريبين ۽ پئسفڪ ملڪن جو معاهدو

Lome

ACP):لوم

ٽين دُنيا جا اُهي ملڪ، جيڪي آفريقي کنڊ ڪيريبين سمنڊ جي ڪناري ۽ پيسفڪ سمنڊ واري علائقي سان لاڳاپيل آهن، انهن 1963ع ۾ ”يورپين اڪنامڪ ڪميونٽي“ سان واپار ڪرڻ ۽ کانئس معاشي مدد وٺڻ لاءِ ”يائونڊي ڪنوينشن“ تحت ساڻس معاهدا ڪيا. ”يائونڊي ڪنوينشن“ کي 1975ع ۾ مٽائي ”لوم ڪنوينشن“جو نالو ڏنو ويو، جنهن ۾ دُنيا جا 70 ملڪ شامل ٿيا. ان کان پوءِ يورپين يونين، ACP سان لاڳاپيل مُلڪن جي باقاعده آفيس قائم ڪئي ۽ پارليامينٽ جي اداري جو سرشتو ترتيب ڏنو، جنهن ۾ وزارتي ڪائونسل، سفيرن جون ڪميٽيون ۽ اسيمبلي جوڙي وئي. اهڙي طرح ”لوم ڪنوينشن“ تحت ميمبر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جو اصل مقصد، واپاري سرگرمين کي تيز ڪرڻ هو، ڇاڪاڻ جو ان دُنيا ۾ ڪميونزم جو زور ٽٽي چڪو هو ۽ يورپ کي نين منڊين جي ضرورت هئي. ٻي طرف ٽين دنيا جي ملڪن ۾ پڻ ترقيءَ جي لاءِ ٿيندڙ جاکوڙ ۽ ضرورتن کي ڏسندي، يورپي يونين، ACP ملڪن سان ڪيترائي معاهدا ڪيا. اولهه جي مُلڪن جي انهيءَ دلچسپيءَ کي نظر ۾ رکندي. ڏکڻ آفريقا پڻ لوم/ ACP ملڪن ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري، پر تنظيم طرفان اها درخواست منظور نه ڪئي وئي، ڇاڪاڻ جو اولهه جي معيارن مطابق ڏکڻ آفريقا ”ٽين دنيا“ جي ملڪن واري درجي ۾ نٿو اچي. پرڪن مبصرن جي راءِ آهي ته آفريقا جي اُسريل مُلڪن کي هن اتحاد ۾ شامل نه ڪرڻ واري روش ”لوم“ جي ناڪاميءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. محققن جو خيال آهي ته وڌيڪ متحرڪ هُئڻ جي ڪري ”لوم“ کان وڌيڪ ASEAN جي تنظيم اڳتي هلي ٽين دنيا جي ملڪن ۽ يورپ جي وچ ۾ وڌيڪ سهڪار ۽ معاهدن جو ذريعو بڻجندي


Remember Me Also:

ڳراڻ

ث . ڳوراٺي ، ڳرائي. بوجو ، بار ، بوج ، وزن.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal